ڪراچي – 29 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ملڪ کي درپيش چئلينجز ۽ مسئلن جي حل لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻيون پونديون. اها ڳالهه هن پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ا??سو??يئيشن جي آفيس جي دوري جي موقعي تي چئي. پي بي اي جي عهديد??رن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته ميڊيا صنعت جي ترقي ۽ فروغ جي لاءِ ڪوششون ڪندا رهنداسين. هن چيو ته حڪومت اظهار راءِ جي آزادي جي بنيادي آئيني ۽ جمهوري حق تي پڪ?? يقين رکي ٿي. هن پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايوسسيئيشن جي مسئلن جي حل جي خاطري ڪرائيندي چيو ته گڏيل تعاون ۽ مسلسل رابطن سان مسئلن جو حل ممڪن بڻايو ويندو.