اسلام آباد – 09 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته جيڪي قومون اخلاقي قدرن ۽ انصاف کي وڃائي ڇڏين اهي تباهه ٿي وڃن ٿيون، بدعنوان عنصر پنهنجي ناجائز دولت جي زور تي غير قانوني ذريعن ۽ مني لانڊرنگ سان پئسي جي منتقلي روڪڻ لاءِ نظر رکندڙ ادارن کي ڪمزور ڪن ٿا، بدقسمتي اها آه?? ته اهڙا عنصر معاشري ۾ ڪرپشن کي قابل قبول بڻائي ڇڏين عٿا، پوءِ ”کائي ٿو ته لڳائي به ٿو“ ۽ ”هڪ ??رد??ري سڀ تي ڀاري“ جا نعرو هنيا وڃن ٿا. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. اجلاس جي آغاز تي وزيراعظم عمران خان ڳالهائيندي چ??و ته سينيٽ جي موجوده اليڪشن جهڙي طرح ٿي سڀني جي سامهون آهي، آئون ڪابينا جي سامهون گڏيل قومن جي سيڪريٽري جي جوڙيل پينل جي رپورٽ ”فيڪٽ آئي“ رکي رهيو آهيان، اها رپورٽ اسرندڙ ملڪن ۽ غريب ملڪن لاءِ وڏي خوفناڪ آهي، هن رپورٽ موجب هر سال غريب ملڪن مان هڪ هزار ارب ڊالر غير قانوني مني لانڊرنگ جي ذريعي امير ملڪن ۾منتقل ٿين ٿا جيڪي ”ٽيڪس هيون“ آهن. هڪ رپورٽ موجب غريب ۽ اسرندڙ ملڪن مان بدعنواني جي ذريعي 7 هزار ارب ڊالر چوري جو پئسو انهن ملڪن ۾ پيل آهي، انهن سڄي معاملي ۾ حڪمران اشرافيه ملوث آهي. وزيراعظم چ??و ته غريب ملڪن جا نواز شريف ۽ ??رد??ري چوري جو پئسو ٻاهر موڪليندا آهن ته انهن کان پهرين سمورا اهي ادارا جن کي مني لانڊرنگ ۽ غير قانوني ذريعن سان پئسي جي منتقلي تي نظر رکڻي آهي انهن کي ڪمزور ڪن ٿا، هي اهڙا ميگا پراجيڪٽ کڻي اچن ٿا جن جي عوام کي ضرورت ناهي هوندي پر انهن ۾ ڪڪ بيڪس وڌيڪ هوندا آهن، انهن بدعنوانين جي ڪري ملڪ قرضي ٿي و??ي ٿو ان جي قيمت مهانگائي جي ذريعي عوام ادا ڪري ٿي. وزيراعظم جو چوڻ آه?? ته بدعنوان عنصر ناجائز پئسي سان ميڊيا هائوسز ۽ ٻين ادارن کي خريد ۽ استعمال ڪن ٿا ان جو سڀ کان وڏي بدقسمتي اها آه?? ته معاشري ۾ ڪرپشن کي سڀني جي لاءِ قابل قبول بڻايو و??ي ٿو پوءِ ڪرپشن کي خراب نٿو سمجهيو وڃي پر اها سوچ وڌي ٿ?? ته کائي ٿو ته کارائي به ٿو ۽ هڪ ??رد??ري سڀ تي ڀاري جيڪو خريد ڪري ٿو اها سياسي بصيرت تصور ڪئي و??ي ٿي. وزيراعظم چ??و ته قوم ??ي اخلاقيات ختم ٿي و??ي ٿ?? ته اهو سڀ کان وڏو نقصان هوندو آهي، اها قوم پوءِ انصاف نٿي ڪري سگهي جنهن قوم ۾ اخلاقي قدر نه هجن اتي طاقتور کي اين آر او ۽ غريب کي سزا ڏني و??ي ٿي، انصاف ختم ٿيڻ کانپوءِ ڪيتريون ئي قومون تباهه ٿي وڃن ٿيون. هن چ??و ته حديث جو مفهوم ??ه?? ته ڪيتريون ئي قومون تباهه ٿيون جتي غريب ۽ امير جي لاءِ انصاف جا معيار ڌار ڌار هجي. هن چ??و ته جنهن قوم ۾ اخلاقي معيار نه هجي اها ڪڏهن انصاف نٿي ڪري سگهي. جرمني ۽ جاپان تباهه ٿي ويا هئا پر ٻئي پنهنجي پيرن تي بيهي رهيا. وزيراعظم چ??و ته سڀني کي خبر آه?? ته سينيٽ چونڊن ۾ کلي عام پئسو هلندو آهي.