اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر عوام کي اپيل ڪئي آهي ته اها ڪورونا وائرس جي وبا کان بچاءُ جي لاءِ سمورن ??اعدن ۽ ضابطن تي عملدرآمد ڪري ڇو ته ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ جي موجوده ٽئين لهر گذريل لهر جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ حياتي کسيندڙ آهي. هن چيو ته ڪورونا کان متاثر م??ڻه?? ۾ بيماري جون علامتون ظاهر ٿيڻ ?? ڪجهه ڏينهن لڳن ٿا. ڪورونا وائرس جي ويڪسينيشن جي موثر هجڻ بابت افواهن کي رد ڪندي اسد عمر چيو ته م??ڻه?? کي ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي ويڪسين لڳرائڻ گهرجي ڇو ته برطانوي طرز جي وائرس جي لهر اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آساني ۽ تيزي سان پکڙجي رهي آهي.