اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير بئريسٽر فروغ نسيم چيو آهي ته قرارداد پاڪستان ڏکڻ ايشيا جي مسلمانن ??ي تاريخ ۾ هڪ اهم موڙ ثابت ٿي آهي، اڄ اسان کي ڪيترائي چئلينج درپيش آهن، اسان انهن حالتن ۾ به قانون جي ح??ڪميت کي قائم ڪرڻ لاءِ پ??ري عزم سان ڪم ڪري رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو، هن چيو ته اڄ جو ڏينهن اهو ڏينهن آهي جڏهن ڏکڻ ايشيا جي مسلمانن وچن ڪيو ته غ??امي جون زنجيرون ٽوڙي اڇلائينداسين، اسان جي بزرگن ان ڏينهن قائداعظم جي قيادت ۾ اهو فيصلو ڪيو ته انهن کي ڌار ملڪ جي ضرورت آهي، هڪ اهڙو ملڪ جتي الله جي ح??ڪميت ۽ حضرت محمد ﷺ جي ٻڌايل اصولن موجب هلي سگهجي.