اسلام آباد – 14 اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۽ ازبڪستان زراعت، دفاع سميت ٻين شعبن ۾ تعاون ??ڌا??ڻ، سربراهي سطح تي ڳاله??ون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي، جڏهن ته وزيراعظم عمران خان اسلامو فوبيا جو مقابلو ڪرڻ ۽ بين المذاهب هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم عمران خان ۽ ازبڪستان جي صدر شوڪت مير زيوئيف جي وچ ۾ پهر??ون ورچوئل سربراهه اجلاس ٿيو، ??نهن ۾ گڏيل علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي ڌرين گڏيل عقيدي، گڏيل تاريخ ۽ ثقافتي وابستگين سان جڙيل پاڪ – ازبڪستان لاڳاپن جي گهرائي تي روشني وڌي. هن اعليٰ سطح جي وفدن جي مٽاسٽا جي رفتار کي برقرار رکڻ ۽ رفتار کي وڌيڪ ??ڌا??ڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. خاص طور تي سياسي، واپاري، سلامتي ۽ دفاع، تعليمي ۽ ثقافتي سطحن تي خصوصي ڌيان ڏيڻ سان گڏ گڏيل تعاون جي شعبن جو جائزو ورتو. هن روحاني (زيارت) سياحت سميت ماڻهن سان عوام جي وچ ۾ رابطن کي وڌيڪ حوصلا افزائي ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو، وزيراعظم عمران خان سياسي ۽ سفارتي رابطا ??ڌا??ڻ، واپار ۽ معاشي تعاون، ترجيحي واپار جي معاهدي (پي ٽي اي) ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمنٽ (ٽي ٽي اي) جي جلد حتمي ڳالهين کي يقيني بڻائڻ، سيڪيورٽي ۽ دفاعي تعاون ۾ اضافو ۽ قدم کڻڻ جي اهميت تي روشني وڌي، هن چيو ته تعليم، ثقافت ۽ سياحت جي شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت آهي، وزيراعظم ريل، رستي ۽ هوائي رابطي جي اهميت تي روشني وڌي ۽ گڏيل فائديمند حصيداري کي ??ڌا??ڻ لاءِ ڪيترن ئي شعبن ۾ موجود وسيع موقعن تي روشني وڌي.