اسلام آباد – 04 R11; مئي (اي پ?? پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته شه??از شريف ۽ بلاول جي راءِ موجب جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن ۽ نيب ۾ سڌارا انهن ادار?? کي پاڻ ئي ڪرڻا آهن ته اهي ڄاڻين ۽ انهن جو ڪم ڄاڻي، پوءِ پارليامينٽ جو ادارن جي سڌارن ۾ ڪو ڪردار نه آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير چوڌري فواد حسين وزيراعظم جي احتساب ۽ گهرو معاملن واري صلاحڪار شهزاد اڪبر جي ٽوئيٽ جو حوالو ڏيندي چيو ته ان جي تجويز انتهائي اهم آهي ته جيڪڏهن چونڊ سڌارا اليڪشن ڪميش?? کي ئي ڪرڻا آهن ۽ پارليامينٽ جو ڪو ڪردار نه آهي ته پوءِ نيب جي قانون ۾ سڌارا به نيب کي ئي ڪرڻ ڏيو، اهي ڄاڻين ۽ انهن جو ڪم ڄاڻي ڇو ته شه??از شريف ۽ بلاول جي راءِ موجب پارليامينٽ جو ادارن جي سڌارن ۾ ڪو ڪردار نه آهي.