اسلام آباد – 22 – آڪٽوبر (اي پي پي) ا??لا??ات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ ملڪي معيشت ترقي جي راهه تي گامزن آهي، حقيقتون هي آهن ته مالي سال جي پهرين ٽه ما??ي ۾ غير ملڪي مٽاسٽا جو ناڻو 12.5 سيڪڙو اضافي سا?? 8 ارب ڊالر، روانگي واپار 38 سيڪڙو جي اضافي سان 7 ارب ڊالرز آهي، 30 سالن کانپوءِ ڪنهن وزيراعظم زراعت تي ڌيان ڏنو آهي جنهن سان پاڪستان فوڊ سيڪيورٽي ۾ سرپلس ٿيڻ وڃي رهيو آهي.
پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ايف بي آر پهرين ٽه ما??ي ۾ 38 سيڪڙو اضافي سان 1395 ارب جون ٽيڪس وصوليون ڪيون، هن چيو ته ٽيڪسٽائيل روانگي واپار 28 سيڪڙو اضافي سان 4.437 ارب ڊالر آهي، آءِ ٽي جي روانگي واپار ??42.7 سيڪڙو اضافي سان 635 ملين ڊالر جو اضافو ٿيو آهي جڏهن ته لارج اسڪيل مينوفيڪچرنگ ۾ جولاءِ آگسٽ جي پهرين ٻن مهينن ۾ 7.5 سيڪڙو اضافو ٿيو، هن چيو ته خريف جي فصلن ۾ شروعاتي ا??لا??ن موجب ڪمند جي پيداوار ?? 25 سيڪڙو اضافو، مڪئ?? 18 ??يڪڙو اضافو، ڪپهه 60 سيڪڙو، چانور 18 سيڪڙو اضافو متوقع آهي، انشاءُ الله ڪڻڪ جي آئينده پيداوار ?? به رڪارڊ اضافو ٿيندو.