اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي واپاري برادري ۽ وومين چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري تي زور ڏنو اهي ته اهي ڪارپوريٽ سوشل ريسپانسيبلٽي جا منصوبا شروع ڪري معاشري سان رابطو قائم ڪن، ان سان ماڻهن ۾ بيداري پيدا ٿيڻ سان گڏوگڏ سماجي ۽ صحت ۽ ماحوليات ??ي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ مدد ملندي جڏهن ??ه ان جي نتيجي ۾ صارفين ۾ انهن ??ي مصنوعات ۽ خدشن ??ي مقبوليت ۾ پڻ اضافو ٿيندو. صدر اهڙن خيالن جو اظهار هن ??يوان صدر ۾ فيصل آباد وومين چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي صدر نگهت شاهد جي قيادت ۾ هڪ وفد سان ملقات ۾ ڪيو. ملاقات ۾ چيمبر جي نائب صدر فرحت نثار ۽ ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جون ميمبر پڻ موجود هيون. صدر عو??تن جي نمائنده تنظيمن، اين جي اوز، سياسي پارٽين جي عو??ت ونگز، ناليوارين عو??تن ۽ سول سوسائٽي ??ي ميمبرن تي زور ڏنو ته اهي ڪاروبار، واپار ۽ صنعتي شعبن ۾ عو??تن جي حوصل اافزئي جي لاءِ فعال ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته پاڪستان کي معاشي ۽ مالي طور تي خودمختيار ملڪ بڻائن جو اسان جو خواب اڌورو رهجي ويندو جيڪڏهن ??سان عو??تن جي آبادي کي معيشت ۾ مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ ۾ ناڪام رهياسين جيڪو آبادي جو اٽڪل 50 سيڪڙو آهي. ڪاروبار سان واڳيل عو??تن جي لاءِ بئنڪن پاران مخصوص ڪيل قرضن مان فائدو کڻڻ جي انتهائي گهٽ شرح تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي صدر چيو ته رپورٽس موجب بئنڪن پاران قرضن جي لاءِ مخصوص ڪيل رقم جو هيستائين اٽڪل 5 سيڪڙو استعمال ڪيو ويو آهي جيڪو خطرناڪ حد تائين گهٽ هو. هن ??مورن چيمبرز آف ڪامرس خاص طور تي وومين چيمبرز آف ڪامرس تي زور ڏنو ته اهي ڪاروباري ۽ هنرمند عو??تن جي حوصلا افزئي ڪن ۽ انهن ??ي نامزد بئنڪن مان انهن قرضن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ دستاويزي عمل ۾ فعال طور تي مدد ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن کي درپيش ٻين مسئلن جي حل جو انتظام ڪن. صدر ملڪ جي چيمبرز آف ڪامرس سان گڏوگڏ ڪاروبار، صنعت ۽ خدمتن جي شعبن ۾ عو??تن جي گهٽ نمائندگي تي پڻ ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته حڪومت ڪيترائي ڪاروباري عو??ت دوست قدم متعارف ڪرايا آهن ۽ سڄي ملڪ ۾ عو??تن کي ڪاروباري سرگرمين ۾ حصو وٺڻ جي ترغيب ڏئي رهي آهي پر اڃا تائين گهربل نتيجا سامهون ناهن ??يا. صدر ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته سڄي ملڪ جي چيمبرز آف ڪامرس ۾ به عو??تن کي بطور ميمبر ۽ قائداڻي عهدن تي مناسب نمائندگي نه ڏني وئي آهي. هن چيمبرز آف ڪامرس تي زور ڏنو ته اهي ان صنعتي فرق کي ختم ڪرڻ جي لاءِ عملي ۽ بامعنيٰ قدم کڻن ۽ پنه??جي خاندان جي عو??تن کي ڪاروباري سرگرمين ۾ وڏي چڙهي حصو وٺڻ جي ترغيب ڏين. هن ??نعتي ۽ ڪاروباري ادارن جي قيادت تي زور ڏنو ته اهي پنه??جي علائقن ۾ عو??تن جي لاءِ مخصوص ٽرانسپورٽ خدمتن جي ذريعي هڪ محفوظ چينل بڻائين ۽ هراسان ڪرڻ کان پاڪ ڪم جي جڳهه بڻائين ته جيئن خاندانن جي حوصلا افزائي هجي ته اهي انهن کي پوري اعتماد سان ڪم ڪرڻ لاءِ موڪلين ۽ عو??ت ملازمن کي ذهني سڪون فراهم ڪن ته جيئن اهي قوم جي لاءِ دولت جي تخليق ۾ پنهنجو حصو وجهي سگهن. صدر چيو ته ملڪ ۾ هن وقت 900000 جي گهرج ??ي مقابلي ۾ 200000 نرسون آهن، ان صورتحال اسان جي صحت جي نظام تي تمام گهڻو دٻاءُ وڌو آهي. هن ??جي صحت جي سهولتن تي زور ڏنو ته اهي صحت فراهم ڪندڙن جي لاءِ خاص طور تي نرسن جي لاءِ تربيتي سهولتون فراهم ڪن ۽ سرڪاري شعبي جي لاڳاپيل تربيتي ادارن کي مشورو ڏنو ته اهي ان هائوس، هائبرڊ ۽ آن لائين ٽيچنگ ماڊيولز سان گڏ??ي معياري شارٽ ڪورسز پيش ڪن ته جيئن طلب ۽ پهچ جي خال کي ڀري سگهجي. هن ??طمينان جو اظهار ڪيو ته ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي پروگرام جا نتيجا سامهون آيا آهن، واپاري برادري تي زور ڏنو ته اهي ان مرض بابت موثر مهم ذريعي قوم کي بريسٽ ڪينسر بابت آگاهي فراهم ڪرڻ جي لاءِ فعال ڪردار ادا ڪن. ان کان اڳ وفد صدر کي وومين چيمبر آف ڪامرس جي ڪاميابين ۽ ان ??ي ميمبرن کي ٽيڪس معاملن، ڪاروبار جي لاڳت جي وڌڻ ۽ ڪاروباري قرضن جي لاءِ درخواست ڏيڻ دوران دستاويزن جي ڊگهي طريقيڪار بابت درپيش مشڪلاتن کان آگاهه ڪيو.