اسلام آباد – 15 – آگسٽ (اي پي پي( پاڪستان ۽ سعودي عرب سيڙپڪاڙي، توانائي ۽ واپار جي شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. سومر جي ڏينهن وزيراعظم شهباز شريف سعودي عرب ??ي نائ?? وزيراعظم ۽ دفاع واري وزير ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان آل سعود سان ٽيلي فون تي ڳالهه ڪئي. وزيراعظم خادم الحرمين شريفين شاهه ??لمان بن عبدلالعزيز جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. سعودي عرب جي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان وزيراعظم ۽ پاڪستاني قوم 75 آزادي جي ڏهاڙي تي مبارڪ ڏني. ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳو??ڻن گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٽ ڪئي ۽ پاڪستان سعودي عرب جي وچ ۾ سالن تي ٻڌل مضبوط ڀائرن لاڱاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف ۽ ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان وزير اعظم کي اپريل 2022 جي دوري جي دوران ڪيل فيصلن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو. ٻنهي اڳو??ڻن پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ سيڙپڪاڙي، توانائي ۽ واپار جي شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزير اعظم ڀائر ملڪ سعودي عرب جي پاڪستان جي مشڪل وقت مدد جو ذڪر ڪندي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان جو پاڪستان جي معيشت جي استحڪام ۽ ترقي لاءِ تازي تعاون تي ٿورو ادا ڪيو. وزيراعظم سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان کي پاڪستان جي جلد دوري جي دعوت ڏني جيڪا ان قبول ڪري ورتي.