اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف بجلي ??ي صارفين جي شڪايتن جي ازالي لاءِ اعليٰ ??طحي ڪميٽي قائم ڪندي 200 يونٽن وارن صارفين جي بلن کي 24 ڪلاڪن اندر گهٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. اها هدايت وزيراعظم پنهنجي صدارت هيٺ بجلي ??ي صارفين جي مسئلن جي حل لاءِ اعليٰ ??طحي اجلاس ۾ ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم پاران بجلي ??ارفين جي لاءِ ريليف پئڪيج تي عملدرآمد يقيني بڻايو پيو وڃي. هڪ ڪروڙ 66 لک صارفين کي فيول پرائيس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڏنل ريليف تحت بلن جي تصحيح جاري آهي. وزيراعظم ريليف جي قدمن کيتي فوري عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جون هدايتون جاري ڪيون. وزيراعظم بجلي ??ارفين جون شڪايتون ختم ڪرڻ جي لاءِ اعليٰ ??طحي ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته 200 يونٽن تائين وارن بجلي ??ارفين جي بلن ۾ اعلان ڪيل ريليف کي 24 ڪلاڪن ۾ شامل ڪيو وڃي ۽ صارفين جي بلن کي گهٽ ڪيو وڃي. بجلي ??ي بلن جي تصحيح جي لاءِ ڊسڪوز جو عملو 24 ڪلاڪ ڪم ڪندو. بلن جي تصحيح لاءِ عملي ??ون موڪلون ختم ڪري ان ڪم کي فوري اڪلائي مون کي رپورٽ پيش ڪئي وڃي. بل جمع ڪرائڻ جي لاءِ بئنڪن کي اڳئين ڏينهن به کليل رهڻ جي هدايت ڪئي وڃي.