اسلا?? آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته سيد علي گيلاني جو ”اس??ن پاڪستاني آهيون، پاڪستان اسان جو آهي“ جو نعرو اڄ پوري دنيا ۾ گونجي رهيو آهي، اهل پاڪستان ۽ ڪشميري ع??ام سيد علي گيلاني جي جدوجهد کي سلام پيش ڪري ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ڪشمير جي آز??دي جي اهڃاڻ سيد علي گيلاني جي پهرين شهادت جي ڏهاڙي تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ڪشميرين جو سيد علي گيلاني جي لاءِ باباءِ حريت جو خ??اب ان جي تاريخي جدوجهد جو اعتراف آهي. مردِ بُحران سيد علي گيلاني جي جدوجهد حريت ۽ ڪشمير جي آز??دي جي تاريخ جو سنهري باب آهي. هن چيو ته سيد علي گيلاني هڪ شخص نه پر تحريڪ ۽ هڪ مشن جو نالو آهي جنهن جو نعرو ڪشمير بڻجندو پاڪستان آهي. سيد علي گيلاني شهيد جو مڙهه کسڻ سان ڪشميرين کان آز??دي جي تڙپ کسي نٿي سگهجي. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني ۽ ڪشميري سيد علي گيلاني کي سلام پيش ڪن ٿا، اس??ن پاڪستاني آهيون، پاڪستان اسان جو آهي، جو سندس نعرو اڄ سڄي دنيا ۾ گونجي رهيو آهي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ سيد علي گيلاني سميت سمورن ڪشمير جي شهيدن جا درجا بلند ۽ انهن جي گهرڀاتين کي صبر ۽ جميل عطا فرمائي.