اسلام آباد- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ فضائيه جي ترجمان موجب پاڪ فضائيه جا ايئر بيسز مختلف ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ جا??ي امدادي ڪاررواين ۾ وڌي چڙهي حصو وٺي رهيون آهن، ترجمان موجب انهن علائقن ۾ روجهاڻ، فاضل پور، ٿل، راجن پور، رسالپور، حيات آباد، تلهار، ميرپورخاص، سعيد آباد، نواب شاهه، اچ، عمرڪوٽ، ع??ي پور، دوداپور، سکر، سيوهڻ، ڄامشورو، قلعه عبدالله ۽ نوشهر?? ڪلان شامل آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران پاڪ فضائيه جي ميڊيڪل ٽيمن 12617 مريضن جو طبي معائنو ڪيو، پاڪ فضائيه انهن ضرورت??ند خاندانن تائين پهچي رهي آهي جنهن جا گهر ان قدرتي آفت سبب متاثر ٿيا آهن، انساني همدردي تحت 4794 خشڪ راشن جا پيڪٽ، 8825 تيار کاڌي جا دٻا ۽ 705 پاڻي جون بوتلون به ضرورت??ند خاندانن ۾ ورهايون ويون.