اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب انگلي??ڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي پاڪستان اچڻ تي آجيان ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جو جنون آهي، سڄي دنيا ڄاڻي ٿي ته پاڪستاني عوام ڪهڙي طرح ڪرڪيٽ سان والهاڻو لڳاءُ رکي ٿي. اها ڳالهه هن برطانوي هاءِ ڪمشنر ڪرسچن ٽرنر پاران پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي جي م??قع?? تي ڳالهائيندي چئي. آجياڻي واري تقريب ۾ انگلي??ڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بين اسٽوڪس ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم اطلاعات واري وفاقي وزير سان ملاقات ڪئي. ان م??قع?? تي ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته پاڪستان ۽ انگلينڊ جي وچ ۾ 17 سالن کانپوءِ تاريخي ٽيسٽ سيريز جي لاءِ سڄي قوم پرجوش آهي. هن چيو ته پاڪستان انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي لاءِ بهترين ۽ محفوظ جڳهه آهي، پاڪستان حڪومت انگلي??ڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي بهترين سيڪيورٽي فراهم ڪري رهي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير تازي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ۽ انگلي??ڊ ڪرڪيٽ ٽيمن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. ان م??قع?? تي برطانوي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بين اسٽوڪس بهترين مهمان نوازي تي پاڪستان جي عوام جا ٿورا مڃيندي چيو ته پاڪستان حڪومت پاران اطمينان جوڳي سيڪيورٽي فراهم ڪئي وئي آهي. هن چيو ته اسان بهترين ڪرڪيٽ کيڏڻ جي لاءِ پراميد آهيون. پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم انگلي??ڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي پاڪستان اچڻ تي ڀليڪار ڪ??و ۽ بهترين راند پيش ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو.