اسلام آباد– 25 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب اسٽيج ۽ ٽي وي جي ناليواري اداڪار اسماعيل تارا جي لا??اڻ?? تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسماعيل تارا مرحوم مشهو?? ڊرامن ففٽي ففٽي، رٻڙ بينڊ، ون وي وڪيٽ سميت ڪيترن ئي اسٽيج ڊرامن، ٽي وي ڊرامن ۽ فلمن ۾ پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا، سندس لا??اڻ?? سان فلم ۽ ڊراما انڊسٽري ۾ پيدا ٿيل خ??ل ڪڏهن به ڀرجي نه سگهب??. پ??هنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته فلم ۽ ڊراما انڊسٽري لاءِ اسماعيل تارا جون خدمتون سدائين ياد رکيون وينديون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم اسماعيل تارا کي جنت ۾ جڳهه ڏي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.