اسلام آباد – 09 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائو??سل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ??متاز زهره بل??چ اسلام آباد ۾ هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چيو ته اها بدقسمتي جي ڳالهه آهي ته ڀارتي عملدارن پنهنجي غ??رق??نوني طور تي ڄمون ۽ ڪشمير جي قبضي هيٺ ماڻهن کي ڊيڄارڻ جي لاءِ زمين کي هٿيار طور تي استعمال ڪري رهيا آهن. هن سرينگر جي علائقي راج باغ ۾ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي آفيس جي عمارت تي ڀارتي قابض عملدارن پاران تازي حملي جي مذمت ڪندي ان کي بزدلاڻو فعل ۽ والاريل علائقي ۾ سياسي آزادي تي هڪ ٻيو حملو قرار ڏنو. ترجمان ڀارتي غ??رق??نوني طور تي قبضي هيـٺ ڄمون ۽ ڪشمير مان ڪشميري مسلمانن جي بي دخلي بابت چيو ته ڀارت جي ڪجهه رياستن ۾ بلڊورز جو استعمال مسلمانن جي جاين کي مسمار ڪرڻ جو عمل ان کي دهشت زده ڪرڻ جي لاءِ ڪيو پيو وڃي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان تصديق ڪئي ته زلزلي کان ??تاثر ترڪيه مان 23 پاڪستاني شهرين کي ڪڍيو ويو آهي، جڏهن ته هيستائين ڪنهن به پاڪستاني جي جاني نقصان جي اطلاع ناهي آئي. هن چيو ته انهن مان 16 ماڻهن کي پاڪستان ??اپس آندو ويندو جڏهن ته باقي کي ترڪيءَ جي شهر استنبول منتقل ڪيو ويندو. ترجمان چيو ته هيستائين اسان ??ٽ ترڪيءَ يا شام ۾ ڪنهن به پاڪستاني جي مارجڻ جي ڪا به خبر نه آهي. هن ٻڌايو ته پاڪستانين کي گازيانٽيپ يونيورسٽي مان ڪڍي اڊيا??ه شهر رکيو ويو آهي. تباهه ٿيندڙ شهر جيڪو زلزلي جي مرڪز کان اٽڪل 33 ڪلوميٽر پري واقع آهي ۾ زلزلي دوران ??ڏي جاني نقصان کانسواءِ بنيادي ڍانچي کي به شديد نقصان ??هتو. هن چيو ته ترڪيءَ ۽ شام ۾ ملڪي مشنز زلزلي کان ??تاثر پاڪستانين کي امداد فراهم ڪرڻ جي لاءِ لاڳاپيل عملدارن سان ??سلسل رابطي ۾ آهن.