اسلام آباد – 28 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب عدالت جي ٻاهر صحافين سان پوليس جي بدسلوڪي جي شديد مذمت ڪندي وفاقي گهرو وزير را??ا ثناءُ کي واقعي جو سختي سان نوٽيس وٺڻ جي درخواست ڪئي آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ ۽ پوليس جو صحافين تي تشدد انتهائي م??مت جوڳو آهي، صحافين سا?? معذرت ڪريان ٿي، گهرو وزير را??ا ثناءُ الله سا?? معاملي تي ڳالهه ڪئي آهي، گهرو وزير کي درخواست ڪئي آهي ته صحافين سان ان واقعي تي م??ذرت ڪئي وڃي. هن چيو ته گهرو وزير ڪارروائي ڪري ته پوليس تماشائي ڇو بڻيل رهي؟ حملي آورن جا هٿ روڪڻ بدران ميڊيا کي نشانو بڻائيندڙن جو تعين ڪيو وڃي. هن چيو ته گيٽ پي ٽي آءِ جا فسادي ٽوڙين ۽ ڏنڊا بيگناهه صحافي کائين، ائين نه هلندو. هن چيو ته پيشيواراڻيون ذميواريون سرانجام ڏيندڙ صحافين تي تشدد افسوس جوڳو ۽ ناقابل قبول آهي. صحافي هر طرح جي سخت ۽ مشڪل حالتن ۾ عوام کي آگاهه ڪرڻ جي لاءِ قابل قدر ڪم ڪن ٿا، صحافين جو احترام ۽ انهن کي فرض سرانجام ڏيڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ پوليس جي ذميواري آهي.