اسلام آباد – 03 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محم?? شهباز شريف جي صدارت ۾ هائي ??اورڊ سليڪشن بورڊ جي 27 هين اجلاس ۾ انفارميشن گروپ جي آفيسر شاهيره شاهد کي گريڊ 22 ۾ ترقي ڏني وئي آهي. اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ڪابينا سيڪريٽريٽ پاران جاري پڌرائي ??وجب هائي ??اورڊ سليڪشن بورڊ جي اجلاس ۾ ??اڪ??تان ايڊمنسٽريٽو سروس جي 10، پوسٽل گروپ جي 2 ۽ انفارميشن گروپ جي هڪ آفيسر کي گريڊ 21 مان 22 ۾ ترقي ڏني وئي. واضح رهي ته شاهيره شاهد اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري ??ي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي.