لاهور – 10 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه ۽ شام جي زلزلي متاثرين جي لاءِ ام??ادي سامان جي مقرر مدي ۾ روانگي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته 23 مارچ 2023ع تائين ترڪيه ۾ سرديءَ کان بچاءُ جا 50 هزار خيما موڪليا ويندا، هن خيمن جي معيار کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ترڪيه موڪلڻ کان اڳ رينڊم چيڪنگ ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ترڪيه ۽ شام ۾ زلزلي متاثرين جي لاءِ خصوصي طور تي تيار ڪيل خيمن ۽ ٻين ام??ادي شين جي جلد کان جلد پهچ تي جائزه اج??اس ٿيو. اج??اس ۾ اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حي??ر ملڪ، ناڻي واري وفاقي وزير، پلاننگ اينڊ ڊيولپمينٽ واري وفاقي وزير ۽ ترڪيه ۾ پاڪستان جي سفير بريفنگ ڏني. اج??اس کي ٻڌايو ويو ته هلندڙ مهيني 23 مارچ تائين ترڪيه ۽ شام 34 اڏامون ام??ادي سامان کڻي وينديون، انهن اڏامن ۾ سرديءَ کان بچاءُ جا 50 هزار خيما، 38 هزار ڪمبل ترڪيه لاءِ ۽ 22 هزار ڪمبل ۽ 10 هزار راشن جا پيڪيٽ شام موڪليا ويندا. اج??اس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته اڄ رات ٻه مال بردار جهاز 220 ٽن ام??ادي سامان کڻي ترڪيه جي لاءِ روانا ٿيندا. ان کانسواءِ سڀاڻي ڇنڇر ڏينهن ترڪيه ۽ شام جي زلزلي متاثرين جي لاءِ پاڪستان نيوي جو ٻيو سامونڊي جهاز سامان کڻي روانو ٿيندو. وزيراعظم ترڪيه ۽ شام جي لاءِ ام??ادي سامان جي مقرر مدي ۾ روانگي يقيني بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اج??اس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، وزيراعظم جي خاص معاون سيد طارق فاطمي، ترڪيه ۾ پاڪستان جي سفير ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ناڻي واري وزارت معاشي مسئلن جي باوجود ام??ادي سامان جي پيداوار ۽ پهچ جي لاءِ گهربل وسيلا مهيا ڪيا جيڪا سراهه جوڳي ڳالهه آهي. هن چيو ته اين ڊي ايم اي، ناڻي واري وزير، منصوبابندي واري وزير، پرڏيهي وزارت، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ ترڪيه ۽ شام ۾ مقرر سفيرن جا ٿورا ادا ڪريان ٿو جيڪي زلزلي سٽيلن جي مدد لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ سرنديءَ وارا زلزلي متاثرين جي لاءِ دل کولي عطيا جمع ڪرائي رهيا آهن.