اسلام آباد – 22 – مارچ (ا?? پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خاتمي جي لاءِ ڪوششون جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي شهيدن کي وطن جي لاءِ جان جو نذرانو پيش ڪرڻ تي خراج عقيدت ??يش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري تعزيتي بيا?? موجب صدر برگيڊيئر مصطفيٰ برڪي ۽ ٻين سپاهين جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن چيو ته دهشتگردن جي مڪمل خاتمي لاءِ قوم پنهنجي بهادر فوجين سان گڏ آهي. صدر شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دع?? ڪندي شهيدن کي وطن جي لاءِ جانين جا نذرانا ڏيڻ تي خراج عقيدت ??يش ڪيو.