اسلام آباد -11 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ر??جا پرويز اشرف چيو آهي ته ا??ان جو آئين ا??ان جي آزادين جو ضامن آهي، معاشري ۾ بدامني ۽ فاشزم درست عمل ناهي، ا??ان کي ڏسڻو پوندو ته ڪهڙي طرح ا??ان جو آئين ا??ان جي انفرادي ۽ اجتماعي آزادين لاءِ ڪم ڪري سگهي ٿو. پاڪستان جي آئين جي گولڊن جوبلي جي مناسبت ??ان رٿيل عالمي ڪنوينشن جي پڄاڻي وري تقريب کي خطاب ڪندي ر??جا پرويز اشرف چيو ته هي فخر جوڳي ڳالهه آهي ته ا??ان آئين پاڪستان جي ان اهم تقريب ۾ هڪٻئي ??ان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ا??ان ان نتيجي تي پهتا آهيون ته هن ڪنوينشن ۾ شريڪ سمورن ملڪن کي هڪجهڙن چئلينجز جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي، ا??ان کي هڪٻئي جي تجربن مان فائدو کڻندي انهن مسئلن تي ضابطو آڻڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا. بلاول ڀٽو زرداري شهيد ذوالفقار عل?? ڀٽو جي رستي تي هلي رهيو آهي، آصف علي زرداري 11 سال جيل ڪٽي، بينظير ڀٽو انتهاپسندي جو مقابلو ڪيو ۽ شهادت ماڻي. هن چيو ته پيپلزپارٽي جي چيئرمين جي ڪراچي کان خصوصي شرڪت تي شڪر گذار آهيان، ر??جا پرويز اشرف چيو ته هي ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو ته اوهان آئين جي بالادستي ۽ قانون جي حڪمراني کي ڪيتري اهميت ڏيو ٿا، هن آئين جي بالادستي ۽ جمهوريت جي مضبوطي لاءِ ذوالفقار عل?? ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو شهيد ٿيا، ان جمهوريت جي مضبوطي لاءِ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري 11 سال جيل ڪٽي، محترمه بينظير ڀٽو آخري دم تائين جمهوريت لاءِ جاکوڙيندي رهي. هن چيو ته ا??ان سياسي انتقام نه پر جمهوريت بهترين انتقام جي نعري ??ان اڳتي وڌيا سين، هن تقريب دوران ”منهنجو آئين منهنجي آزادي جو ضامن“ هڪ بنياد آهي، حقن جو مضبوط قلعو آهي، فاشز ا??ان جي معاشري ۾ گهڙي چڪو آهي ان جو خاتمو اهڙي آئين تي عملدرآمد ۾ ئي ممڪن آهي، پاڪستان جو آئين پاڪستاني عوام لاءِ مشعل راهه آهي. اسپيڪر چيو ته دنيا ۾ وڏيون تبديليون اچي رهيون آهن، معاشي آزادي، انصاف ۽ ماحولياتي انصاف لازمي مسئلا آهن، بي شمار مشڪلاتون آهن جن کي پار ڪرڻو آهي ان لاءِ ا??ان کي ان طرف سنجيدگي ??ان سوچڻ جي ضرورت آهي، هن سمورن اهم مسئلن طرف ا??ان ٻن ڏينهن واري ڪنوينشن ۾ خاص ڌيان ڏنو. هن چيو ته جمهوريت ڳالهين جو نالو آهي، مختلف خيال رکندڙن جو گڏجي ويهڻ جو نالو آهي، موجوده صورتحال ۾ جيڪڏهن مهمانن کي ڪجهه مشڪلاتون آيون ته ان تي اوهان سڀني کان معذرت خواه ۽ اوهان جا شڪر گذار آهيون.