اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته پا??ست??ن ام??، استحڪام، ترقي ۽ انساني حقن تي پڪو يقين رکي ٿو، گڏيل قومن جي انتظام هيٺ پا??ست??ن دنيا جي وڳوڙي علائقن ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، پا??ست??ني پيس ??يپرز سڄي دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن جي امن دستن جي 75 هين سالگرهه تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير چيو ته اسان جي پيس ??يپرز سڄي دنيا ۾ امن جي لاءِ جانين جون قربانيون ڏنيون آهن، 177 پا??ست??ني پيس ??يپرز امن جي لاءِ جانين جا نذرانا پيش ڪيا آهن. حنا رباني کر چيو ته پا??ست??ن جي يو اين پيس سان تاريخي حصيداري آهي ۽ پا??ست??ني پيس ??يپرز سڄي دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، گذريل سال 8 پا??ست??ني پيس ??يپرز گڏيل قومن جي جهنڊي هيٺ شهادت ماڻي. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو ته پا??ست??ني عورتون زندگي جي هر شعبي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. هن گڏيل قومن جي ڪمان هيٺ امن دستن جي دنيا جي مختلف علائقن ۾ خدمتن ۽ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ انهن ڀرپور ڪوششن جو ذڪر ڪندي زبردست لفظن ۾ خراج تحسين پيش ڪيو. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته گڏيل قومن جي امن فوج جي 75 سالا تاريخ ۾ هيستائين وڏي انگ ۾ پا??ست??ني پيس ??يپرز گڏيل قومن جي 46 امن مشنز ۾ بهادري سان خدمتون سرانجام ڏنيون آهن.