اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي شاليمار رڪارڊنگ اينڊ براڊ ڪاسٽنگ ڪمپني کي سيڪيورٽي ڪمپني جي 10.32 ملين رپين جون رهتون ادا ڪرڻ جي هدايت ڪندي وفاقي محتسب جي فيصلي جي ??لاف شاليمار رڪارڊنگ ڪمپني جي ??پيل رد ڪري ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب شاليمار رڪارڊنگ سيڪيورٽي خدمتن جي ??يوض هڪ ڪمپني کي 10.32 ملين رپين جون رهتون ادا ڪرڻيون هيون، شاليمار رڪارڊنگ مالي بحران جي ڪري رقم ادا ڪرڻ کان معذوري ظاهر ڪئي ??ئي. صدر چيو ته اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جو سيڪريٽري سال جي ??ندر ماهوار قسطن ۾ رهتن جي ??دائيگي کي يقيني بڻائي، جيڪڏهن ضروري هجي ??ه اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جو سيڪريٽري 6 مهينن جي ??ندر مجاز فورم کان منظوري وٺي. وفاقي محتسب ڪمپني کي خدمتن جي مد ۾ 10320800 رپيا ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي ??ئي، شاليمار رڪارڊنگ ڪمپني مالي مسئلن جي ڪري قسطن ۾ به رقم ادا ڪرڻ کان عاجزي جو اظهار ڪيو جنهن تي سيڪيورٽي ڪمپني وفاقي محتسب سان رجوع ڪيو، جنهن ان جي ??ق ۾ حڪم جاري ڪيو. فيصلي کانپوءِ شاليمار رڪارڊنگ صدر وٽ اپيل داخل ڪئي جنهن کي رد ڪيو ويو. صدر چيو ته شاليمار ڪمپني عجيب موقف اختيار ڪيو ته اها ”ايجنسي“ جي ??مري ۾ نه ٿي اچي. صدر چيو ته وزارت، ڊويزن يا ڪا قانوني ڪارپوريشن يا حڪومت جي ??نتظام ه??ٺ يا قائم ڪيل ادارو ايجنسي جي ??عريف ۾ اچي ٿو، شاليمار براڊ ڪاسٽنگ هڪ پبلڪ سيڪٽر ڪمپني آهي جيڪا ڪمپنيز ايڪٽ 2017ع تحت قائم ٿي. صدر چيو ته شاليمار ڪمپني رولز آف بزنس تحت انتظامي طور تي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ??ريعي ڪنٽرول ڪئي ??ڃي ٿي. هن چيو ته ڪمپني پنهنجون ذميواريون ادا ڪرڻ ۾ ناڪام رهي جنهن جو هن اعتراف ڪيو، ڪمپني رقم ادا ڪرڻ کان انڪار ڪيو جيڪو بدانتظامي جي ??رابر آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته وفاقي محتسب جو فيصلو معقول ۽ منطقي آهي، شاليمار ڪمپني پنهنجي موقف جي ??مايت ۾ ڪجهه به پيش نه ڪري سگهي آهي. صدر چيو ته بدانتظامي ثابت ٿي تنهن ڪري شاليمار رڪارڊنگ اينڊ براڊ ڪاسٽنگ ڪمپني محتسب جي ??ڪم موجب رهتون ادا ڪري.