پيرس – 23 – جون (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف اسلامي ترقياتي بئنڪ (آءِ ايس ڊي بي) جي صدر ڊاڪٽر محمد الجاسر سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ آءِ ايس ڊي بي جي وچ ۾ پراڻي ??عا??ن ۽ رابطي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اها ملاق??ت فرانس ۾ منعقد ٿيندڙ نئين عالمي مالياتي معاهدي جي لاءِ سربراهه اجلاس جي موقعي تي ٿي. وزيرا??ظم ۽ آءِ ايس ڊي بي جي صدر مختلف جاري منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ ??عا??ن جي نئين موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيرا??ظم 9 جنوري 2023ع تي جنيوا ۾ منعقد ٿيندڙ ڪلائميٽ ريزيليئنٽ پاڪستان بابت عالمي ڪانفرنس ۾ آءِ ايس ڊي بي جي شرڪت تي پاڪستاني حڪومت ۽ عوام پاران ڊاڪٽر الجاسر جا ٿورا مڃيا. هن ڪانفرنس ۾ آءِ ايس ڊي بي جي پاڪستان جي ٻوڏ کانپوءِ بحالي ۾ معاونت جي لاءِ 4.2 ارب ڊالر جي فراهمي جي اعلان کي ساراهيو. هن ان فراخدلاڻي مالي معاونت ۾ ڊاڪٽر الجاسر جي ذاتي ??عا??ن ۽ قائداڻي ڪردار کي تسليم ڪيو. وزيرا??ظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته آءِ ايس ڊي بي جي پاڪستان سان فائديمند حصيداري ملڪ جي عوام کي ان جي زندگين جي نئين سر تعمير ۽ روزگار ۾ مدد فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ حڪومت جي پائيدار ??رقي جا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ مددگار ٿيندي. وزيرا??ظم ڊاڪٽر الجاسر کي ملڪ ۾ غيرملڪي سيڙپڪاري کي صحيح رخن تي ق??ئم ڪرڻ ۽ غيرملڪي سيڙپڪارن جي سمورن خدشن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ون ونڊو حل فراهم ڪرڻ جي لاءِ تازو ئي جوڙيل خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل بابت پڻ ٻڌايو. وزيرا??ظم آءِ ايس ڊي بي جي صدر کي جلد کان جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت جو پڻ ورجاءُ ڪيو.