اسلام آباد – 28 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عيدالاضحيٰ قرباني، برابري ۽ همدرديءَ جي جذبي جي علامت آهي، هي تهوار سماجي ۽ اقتصادي اڻبرابري کي گهٽ ڪري اتحاد کي فروغ ڏي ٿو، همدرديءَ جي جذبن کي سگهه ڏي ٿو ۽ الله تعالي?? جي آڏو سجدو ڪرڻ جا جذبا پيدا ڪري ٿو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته رسم ۽ رواج جي حقيقي پابندي اسان کان تقويٰ ۽ صف??ئي سٿر??ئي جي زندگي اختيار ڪرڻ جي گهرج ڪري ٿي. ??ن چيو ته عيدالاضحي?? جي بابرڪت موقعي تي مسلمانن کي ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي دلي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو جيڪي اڄ اهو تهوار مله??ئي رهيا آهن. الله تعاليٰ انهن جي زندگين کي امن ۽ خوشحالي سان نوازي.