اسلام آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پوليو جي خاتمي، موذي مرضن کان ٻارن کي بچائڻ ۽ غذائيت جي کوٽ جي مسئلن تي ضابطو آڻڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بل اينڊ ملنڊا گي??س فائونڊيشن جي شريڪ چيئرمين بل گي??س سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم ??ل گي??س سان صح?? ۽ سيڪٽر پروگرامن بابت معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم ??ل اينڊ ملنڊا گي??س فائونڊيشن جي پاڪستان ۾ خدمتن کي ساراهيندي چيو ته بل اينڊ ملنڊا گي??س فائونڊيشن سان گڏجي جاري تعاون کي وڌيڪ بهتر ۽ نتيجاخيز بڻائڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته وسيلن ۾ سڀني جي شموليت جي لاءِ موجوده حڪومت خصوصي ڌيان ڏئي رهي آهي. بل گي??س وزيراعظم ??هباز شريف ج?? قيادت ۽ پوليو جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته پوليو وائرس کان ٻارن کان معذور ٿيڻ کان بچائڻ جي لاءِ پاڪستان جي ڀرپور جاري رکندو. وزيراعظم ۽ بل گي??س غذائيت جي کوٽ اسٽينڊرڊ گروٿ (اڻ مڪمل واڌويجهه) بيمارين کان بچاءُ جي لازمي خدمتن جي فراهمي بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان کانسواءِ مائيڪرو پيمنٽ گي?? وي (راست) ۽ قومي بچاءُ پروگرام کي ڊيجيٽل ڪرڻ بابت معاملا به غور هيٺ آيا. وزيراعظم ۽ بل گي??س ويجهي تعاون ۽ گڏيل حصيداري سان ڪم جاري رکڻ تي به اتفاق ڪيو. واضح رهي ته بل اينڊ ملنڊا گي??س فائونڊيشن پاڪستان ۾ صح?? ۽ ٻين سماجي ڀلائي جا پروگرام هلائي رهي آهي.