اسلام آباد-30 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته باجوڙ ۾ جي يو آءِ (ف) جي ورڪرز ڪنوينشن تي ح??لي جي جيتري مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي، سياسي پارٽين تي ح??لي مان واضح آهي ته دشمن پاڪستان ۾ جمهوري نظام خلاف آهن جنهن جي ڪنهن به صورت ۾ اجازت نه ڏني ويندي. ذميوارن جي نشاندهي ڪري انهن کي قانون مطابق سخت کان سخت سزا ڏني ويندي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستاني قوم، قانون لاڳو ڪند?? ادارا ۽ اسان جا محافظ دشمن جي اهڙين بزدلاڻي هٿڪنڊن کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندا. مون سميت پوري قوم واقعي ۾ شهيدن جي پونئيرن جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي. وزيراعظم چيو ته مولا??ا فضل الرحمان سان ٽيلي فون تي ڳالهه ٻول??ه ۾ نه صرف مان ان سان تعزيت ڪئي پر واقعي جي تفصيلن بابت ڄاڻ ورتي، مان وڏي وزير، چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي سان به ٽيلي فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ واقعي تي رپورٽ سان گڏوگڏ زخمين کي بهترين طبي سهولتون ۽ هيلي ڪاپٽر ذريعي اسپتال پهچائڻ جي هدايت ڪئي آهي.