اسلام آباد-12 سيپٽمبر (اي پي پي)تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي جي خاص هدايتن تي پاڪستان جي آزادي واري تحريڪ جي اڳواڻن جي اعزاز ۾ انهن جا پورٽريٽس نيشنل بڪ فائونڊيشن ۾ لڳايا ويا. ان موقعي تي نگران وفاقي وز??ر چيو ته انهن اڳواڻن جي همتن کي جيترو اجاگر ڪيو وڃي گهٽ آهي. ??ن چيو ته مولانا عبيدالله سنڌي، رئيس غلام محمد ڀرڳڙي، حسن علي آفندي، چوڌري رحمت علي، قاض?? محمد عيسيٰ ۽ ٻين اڳواڻن جي اعزاز ۾ اسان انهن جا پورٽريٽس نيشنل بڪ فائونڊيشن ۾ لڳايا آهن. ??ن چيو ته اهي اڳوا?? اسان جي ملڪ جي هر صوبي مان آهن ۽ انهن جي خدمتن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي.