اسلام آباد – 16 – ??ڪٽ??بر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيني صدر شي جن پنگ جي دعوت تي اسلام آباد کان بيجنگ روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم پنهنجي چين جي دوري دوران 17 ۽ 18 ??ڪٽ??بر تي منعقد ٿيندڙ عالمي تعاون بابت ٽ??ين بيلٽ اينڊ روڊ فورم ۾شرڪت ڪ??دو. بيلٽ اينڊ روڊ فورم ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي نگران وزيراعظم چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) تحت گذريل 10 سالن ۾ ٿيندڙ ترقياتي ڪاميابي سان گڏوگڏ مستقبل جي هدفن ۽ ان جي اهم منصوبي تي پاڪستان جي ڀرپور تعاون جو ورجاءُ ڪ??دو. نگران وزيراعظم بي آر ايف جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت کانسواءِ 18 ??ڪٽ??بر تي ”اوپن عالمي معيشت ۾ رابطا) جي موضوع تي منعقد اعليٰ سطحي فورم کي خطاب ڪ??دو. نگران وزيراعظم چين ۾ چيني صدر شي جن پنگ سان ٻطرفي ملاقات سان گڏوگڏ اعليٰ چيني قيادت ۽ فورم ۾ شريڪ ٻين ملڪن جي سربراهن سان پڻ ملاقات ڪ??دو. نگران وزيراعظم پاڪستان ۾ ٻاهر??ين سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ چين ۾ ڪاروباري شخصيتن ۽ سيڙپڪارن سان پڻ ملاقات ڪ??دو. سنڪيانگ ۽ پاڪستان جي عوام جي وچ ۾ لاڳاپن ۽ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ نگران وزيراعظم اورمچي جو دورو ڪندو جتي نگران وزيراعظم اتان جي مقامي اڳواڻن ۽ ڪاروباري شخصيتن سان ملاقات ڪ??دو.