اسلام آباد – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته چونڊن ۾ پي ٽي وي ??و اهم ڪردار آهي، پي ٽي وي ??ي سمورين سياسي پارٽين کي هڪ جهڙي ڪوريج جي فراهمي ترجيح هجڻ گهرجي، صاف، شفاف ۽ غيرجانبداراڻين چونڊن جي لاءِ پي ٽي وي ??و ڪردار ناقابل فراموش هوندو. اها ڳالهه هن پي ٽي وي نيوز ڪرنٽ افيئرز ۽ سوشل ميڊيا ٽيم سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ اطلاعات وارو وفاقي سيڪريٽري ظهور احمد ۽ پي ٽي وي ??و ڊائريڪٽر ڪرنٽ افيئرز عون ساهي پڻ موجود هئا. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير کي پي ٽي وي نيوز ۽ ڪرنٽ افيئرز پروگرامن بابت بريفنگ پڻ ڏني وئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ٽيليويزن ملڪ ۾ ميڊيا جو سڀ کان وڏو ادارو آهي ۽ چونڊن ۾ پي ٽي وي ??و قومي ڪردار اهميت رکندڙ آهي. هن چيو ته پي ٽي وي ??ي سمورين سياسي پارٽين کي هڪ جهڙي ڪوريج جي فراهمي ترجيح هجڻ گهرجي، صاف، شفاف ۽ غيرجانبداراڻين چونڊن جي لاءِ پي ٽي وي ??و ڪردار ناقابل فراموش هوندو. هن چيو ته مختلف سياسي پارٽين جي اڳواڻن جي حالات حاضره جي پروگرامن ۾ شرڪت سان پي ٽي وي ??ي ساک ۾ اضافو ٿيندو. ان موقعي تي پي ٽي وي ٽ??م اطلاعات واري نگران وفاقي وزير کي ٻڌايو ته گذري?? ڪجهه سالن دوران خبرن جي ڪوريج ۽ اسڪوپ ۾ تيزي سان اضافو ٿيو آهي، پي ٽي وي پاران خبرن جي انگ ۾ اضافي سان ناظرين کي تازه ترين حالتن کان آگاهي ۾ مدد ملي آهي، خبرن ۾ آن ڪئميره رپورٽنگ ۽ سماجي مسئلن بابت رپورٽس کي خصوصي اهميت ڏني پئي وڃي، خبرن جي شعبي ۾ نه رڳو مقداري لحاظ سان تبديلي آئي آهي پر نيشنل نيوز بيورو اسلام آباد ۽ ٻين سينٽرز تان پيشڪش جو انداز پڻ بدلايو آهي.