ڪوهاٽ – 07 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزير??عظ?? انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته جديد تع??يم اسان جي ترجيح آهي، تع??يم يافته نوجوان قوم جو مستقبل آهن، استادن جو تع??يمي نظام ۾ انتهائي اهم ڪردار آهي، شاگردي واري دور ۾ گذاريل وقت شاگردن کي مستقبل جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تيار ??ري ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪيڊٽ ڪاليج ڪوهاٽ جي 58 هين والدين جي ڏهاڙي جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. نگران وزير??عظ?? چيو ته ڪيڊٽ ڪاليج جي 58 هين والدين جي ڏهاڙي جي تقريب ۾ شرڪت ۽ نوجوان ڪيڊٽس کي مخاطب ٿيڻ منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. شاگردي واري وقت ۾ گذاريل وقت اسان کي مستقبل جي لاءِ تيار ??ري ٿو. جديد تع??يم خاص طور تي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ڪنهن به قوم جي ترقي جي ضمانت آهي. اسان کي پاڻ کي جديد تع??يم سان ليس ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻڻا پوندا. نگران وزير??عظ?? چيو ته استاد تع??يمي نظام ۾ انتهائي اهم حيثيت رکن ٿا. والدين تي به انتهائي وڏي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي. نگران وزير??عظ?? چيو ته ڪيڊٽ ڪاليج ڪوهاٽ سدائين بهترين نتيجا ڏنا آهن. نگران وزير??عظ?? چيو ته هي ڪاليج منهنجو مادر علمي رهيو آهي. آئون 1984ع ۾ بلوچستان جي هڪ پٺتي پيل علائقي مان تع??يم جي لاءِ هن ڪاليج ۾ آيس. آئون زندگي ۾ اڄ هن مقام تي پهتو آهيان ته ان جو ڪريڊٽ منهنجي هن مادر علمي جي استادن ڏانهن وڃي ٿو. نگران وزير??عظ?? ڪيڊٽس کي تل??ين ڪئي ته اهي محنت، ايمانداري ۽ لگن سان اڳتي وڌندا وڃن، انهن جي لاءِ زندگي ۾ چئلينجز هوندا، مشڪليون اينديون پر ڪاميابي انهن جو مقدر هوندي. نگران وزير??عظ?? چيو ته هڪ سٺو انسان بڻجڻ ئي زندگي جي سڀ کان وڏي ڪاميابي آهي. تقريب کي خطاب دوران نگران وزير??عظ?? جيڪو ڪيڊٽ ڪاليج مان فارغ ٿيل آهي، هن پنهنجي مادر علمي جي ڪيترن ئي استادن جو نالو کڻي ذڪر ڪيو ۽ انهن کي ياد ڪندي نگران وزير??عظ?? روئڻهارڪو ٿي ويو. نگران وزير??عظ?? چيو ته مون ۾ اڄ جيڪو ڪجهه بهتر آهي ان جو سهرو منهنجي استادن ڏانهن وڃي ٿو. ان کان اڳ پرنسپل برگيڊيئر (ر) طفيل محمد خان چيو ته ڪيڊٽ ڪاليج ڪوهاٽ سدائين بهترين نتيجا ڏنا آهن ۽ بورڊ امتحانن ۾ ٽاپ پوزيشن حاصل ڪئي آهي. ان کانسواءِ هم نصابي سرگرمين ۾ پڻ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي. ڪاليج جي فارغ ٿيندڙ شاگرد مختلف شعبن ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏئي رهيا اهن. نگران وزير??عظ?? ڪيڊٽس جي پريڊ جو معائنو ڪيو. نگران وزير??عظ?? کي ڪيڊٽس جي دستي سلامي ڏني. هن چيمپيئن شپ جو جهنڊو رستم هائوس جي حوالي ڪيو. ان موقعي تي چيئرمين بورڊ آف گورنر ميجر جنرل ذوالفقار علي ڀٽو پڻ موجود هو. نگران وزير??عظ?? ڪيڊٽس پاران گهوڙي سواري، نيزه بازي ۽ جمناسٽڪس جو مظاهرو پڻ ڏٺو. نگران وزير??عظ?? نصابي ۽ هم نصابي سرگرمين ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ ڪيڊٽس ۾ انعام ورهايا جڏهن ته ڪيڊٽ ڪاليج ڪوهاٽ جي پرنسپل نگران وزير??عظ?? کي ڪاليج جو سووينيئر پيش ڪيو.