اسلام آباد – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مصر، عمان، بوسنيا، سريلنڪا ۽ ق??رص سان واپار، معيشت ۽ ثقافت جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عرب جمهوريه مصر، سلطنت عمان، بوسنيا وهرزيگووينا، جمهوريه قبرص ۽ سريلنڪا جي نامزد سفيرن/ هاءِ ڪمشنر سان ڳالهائيندي ڪيو. سفارتڪارن پنهنجون سفارتي سندون صدر کي پيش ڪيون ۽ ساڻس جدا جدا ملاقات ڪئي. پاڪس??ان ۾ مصر جي نامزد سفير ڊاڪٽر ايهاب محمد عبدالحامد حسن جي آجيان ڪندي صدر مصر سان سان ٻطرفن لاڳاپن جي اهميت تي روشني وڌي جيڪي ٻنهي ڀائر ملڪن جي عوام جي وچ ۾ گڏيل عقيدي، ثقافتي وابستگي ۽ ق??رن تي ٻڌل رشتن مان ظاهر ٿين ٿا. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري، ا??تصادي ۽ ثقافت?? تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ان موقعي تي صدر غزه ۾ اسرائيلي سيڪيورٽي فورسز جي هٿان بيگناهه ماڻهن جي قتل ۽ عوامي ملڪيتن کي ٿيندڙ وڏي نقصان تي پاڪس??ان جي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. ڊاڪٽر ايهاب محمد عبدالحامد حسن ٻڌايو ته مصر غزه جي لاءِ انساني امداد جي حمايت ڪري رهيو آهي. سلطنت عمان جي نامزد سفير فهد سليمان خلف الخروسي سان ڳالهائيندي صدر چيو ته پاڪس??ان ۽ عمان جي وچ مختلف شعبن ۾ بهترين لاڳاپا آهن. هن ٻڌايو ته پاڪس??ان غيرملڪي سيڙپڪارن کي سيڙپڪاري جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ اسپيشل انويسٽمينٽ فيسلي ٽيشن ڪائونسل جوڙي آهي جيڪا پاڪس??ان جي آءِ ٽي، زراعت، معدنيات ۽ توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ ون ونڊو آپريشن فراهم ڪري ٿي. صدر ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪيل ظلمن کي پڻ اجاگر ڪيو. سفير سلطان پاران پاڪس??ان جي عوام ۽ حڪومت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو. هن چيو ته هو ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ٻطرف?? تعاون کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪندو. بوسنيا وهرزيگوينا جي نامزد سفير ايمن ڪوهوڊاريوچ جي آجيان ڪندي صدر چيو ته پاڪس??ان بوسنيا وهرزيگوينا سان ڀائيچاري ۽ گڏيل اعتماد تي ٻڌل پنهنجي دوستي کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته واپار، معيشت ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي زبردست گنجائش موجود آهي. سفير چيو ته هو سياسي، ا??تصادي ۽ ثقافتي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڪم ڪندو. سريلنڪا جي نامزد هاءِ ڪمشنر ايڊمرل (ر) رويندرا چندرا سري وجي گونارتني سان ڳالهائيندي صدر چيو ته سريلنڪا ۽ پاڪس??ان جي وچ ۾ لاڳاپا گذريل 7 ڏهاڪن ۾ مضبوط کان مضبوط تر ٿيندا پيا وڃن. هن سياسي ۽ ثقافتي سطح تي دورن جي مٽاسٽا کانسواءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رابطن کي وڌائڻ ۽ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر اعتراف ڪيو ته سريلنڪا پهريون ملڪ آهي جنهن پاڪس??ان سان آزاداڻي واپار جو معاهدو ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ ٻطرفي واپار جي ڪاٿي کي وڌائڻ جي ضرورت کي اجاگر ڪيو. جمهوريه قبرص جي نامزد سفير اينڊرياس پي ڪوزوپس سان ڳالهه ٻولهه دوران صدر چيو ته پاڪس??ان قبرص کي هڪ اهم دوست سمجهي ٿو ۽ ق??رص سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ چاهي ٿو. هن يورپي يونين جي ڏس ۾ جمهوريه قبرص جي پاڪس??ان جي مسلسل حمايت کي ساراهيو. صدر غزه ۾ پيش ايندڙ واقعن تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته اسرائيلي سيڪيورٽي فورسز ٻارن ۽ عورتن سميت معصوم ماڻهن کي قتل ڪري سموريون حدون پار ڪري ڇڏيون آهن. صدر سفيرن کي انهن جي مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته اهي پاڪس??ان سان ٻطرف?? تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.