اسلام آباد – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته امن ۽ استحڪام اسان جي اولين ترجيح ????ي، بي اين اي جي سربراهه سرفراز بنگلزئي عرف مريد بلوچ جو ساٿين سميت هٿيار اڇلائڻ پاڪستان ۽ بلوچستان جي لاءِ خوش آئنده اڳڀرائي آهي. ايڪس تي جاري ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته بي اين اي جي اڳوڻي سربراهه گلزار امام شمبي جي ويجهي ماضي ۾ گرفتاري کانپوءِ قومي ڌارا ۾ آڻڻ کانپوءِ هي ٻي وڏي اهم اڳڀرائي آهي. هن چيو ته عليحدگي پسند عسڪريت پسندن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ جي لاءِ اسان جي رياست ۽ ادارا هڪ هم اهنگي جي موقف کي شموليت جي ذريعي امن کي اختيار ڪندي فروغ ڏئي رهيا آهن، هي قدم پائيدار امن، افهام تفهيم کي فروغ ڏيڻ ۽ ڪميونٽيز ج?? نئين سر تعمير جو عڪاس آهي. هن چيو ته گڏجي اسان پنهنجي ايندڙ نسلن جي لاءِ هڪ هم آهنگ ۽ محفوظ مستقبل جي راهه هموار ڪري رهيا آهيون. هن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ انٽيلي جنس ايجنسين خاص طور تي آئي ايس آئي جي ڪوش??ن کي ساراهيو جن ان مُشڪل ڳجهي آپريشن جي قيادت ۽ منصوبابندي ڪئي ?? ان کي انجام تائين پهچايو.