ڊيووس – 17 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين ۽ غيرملڪين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ راغب ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، ايس آءِ ايف سي جو غيرملڪي سيڙپڪارن جي اعتمادسازي ۾ اهم ڪردار آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي ??قتصادي فورم جي 54 هين اجلاس جي موقعي تي پاٿ فائنڊرز بريڪ فاسٽ جي تقريب ۾ شر??ت ڪندڙن جي سوال جو جواب ڏيندي ڪيو. ان ??والي سان وزيراعظم آفيس پاران ????شل ميڊيا ايڪس تي ان ??قريب جي وڊيو شيئر ڪئي وئي آهي. وڊيو ۾ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ايس آءِ ايف سي ٻين ادارن سان گڏجي ڪم ڪري رهي آهي، پاڪ فوج سميت حڪومت جا سمورا ادارا ان ??و حصو آهن، پاڪ فوج غيرملڪي سيڙپڪارن جي تحفظ سميت ٻين معاملن ۾معاونت فراهم ڪري رهي آهي، ايس آءِ ايف سي جو غيرملڪي سيڙپڪارن تي اعتمادسازي ۾ اهم ڪردار آهي.