راولپنڊي- 22 جنوري (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز جي پاڪ – افغان سرحد ويجهو زوب ۾ آپريشن دوران 7 دهشتگرد مارجي ويا آهن. آءِ ايس پي آر طرفان جاري هڪ پريس رليز مطابق زوب جي علائقي سمبازه ۾ سيڪيورٽي فورسز انٽيليجنس بي??ڊ آپريشن ڪيو، جنهن ۾ 7 دهشتگرد مارجي ويا. اهي دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز ۽ ??ام شهرين تي حملن ۾ سڌيءَ ريت مل??ث هئا. مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان وڏي مقدار ۾ هٿيار، گ??لا بارود هٿ ڪيو ويو. علائقي ۾ ڪنهن ٻئي دهشتگرد جي ڳ??لا لاءِ سرچ آپريشن پڻ جاري آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪستان جون سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي لعنت جي مڪمل خاتمي ??اءِ پُرعزم آهن.