اسلام آباد – 29 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن وار?? نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ??هي ته س??شل ميڊيا تي عدليه جي خلاف ڪڌي مهم هلائي وئي جنهن تي نوٽيس جاري ڪيا ويا، سوشل ميڊيا تي صحافين ۽ يوٽيوبرز کي هراسان ڪرڻ جي پروپئگنڊه ڪئي پئي وڃي، ڪنهن کي نوٽيس جاري ڪرڻ هراسان ڪرڻ جي زمري ۾ نه ٿو اچي. ”جي ٽي وي?? جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي اطلا??ات ۽ پارلياماني معاملن وار?? نگران وفاقي وزير چيو ته قانوين طور تي ايف آءِ اي کي نوٽيس جاري ڪرڻ جو اختيار آهي، ايف آءِ اي 32 صحافين، يوٽيوبرز ۽ 22 سياسي ماڻهن کي نوٽيس جاري ڪيا آهن ته اهي فلاڻي تاريخ تي پنهنجو موقف ڏيڻ جي لاءِ اچن. هن چيو ته اڃا تائين اهي نوٽيس برقرار آهن، واپس ناهن ٿيا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 19 تحت تنقيد کي آئيني تحفظ حاصل ??هي پر تنقيد جي نالي تي ڪنهن جي تذليل يا توهين ڪرڻ آئين جي ان آرٽيڪل جي دائري ۾ نٿو اچي. هن چيو ته ڪو به شخص قانون کان مٿانهون نه آهي، جيڪڏهن ڪنهن قانون جي خلاف ورزي ڪئي ??هي ته ان کي قانون کي منهن ڏيڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وفاقي وزير چيو ته اخبارن ۾ ڪنهن خبر جي تصديق جي لاءِ گيٽ ڪيپر جو نظام موجود هوندو آهي، ان نظام تحت اها تصديق ڪئي وڃي ٿي ته فلاڻي معلومات صحيح ??هي يا نه پر سوشل ميڊيا تي ڪجهه يوٽيوبرز هڪ نئين سياسي معيشت تخليق ڪري ڇڏي ??هي ته جيڪو جيترو وڏو ڪوڙ ۽ پروپئگنڊه ڪندو، ان جا ويوز ايترا وڌيڪ ايندا. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلا??ات ۽ پارلياماني معاملن وار?? نگران وفاقي وزير چيو ته قانون جي خلاف ورزي تي پي ٽي اي ڪنهن به ويب سائيٽ کي بند ڪري سگهي ٿي، جيڪڏهن ڪا خاص ويب سائيٽ بند ٿي ??هي ۽ جيڪڏهن قانون جي خلاف ورزي ناهي ڪئي ته ان جي شڪايت پي ٽي اي کي ڪري سگهجي ٿي.