اسلام آباد – 27 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم ان??ارالحق ڪاڪڙ ”آپريشن سوئفٽ ريٽورٽ“ جا پنج ??ال مڪمل ٿي?? تي هٿياربند فوج جي پيشيواراڻي مهارت ۽ عزم کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آ???? ته پاڪستان پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ جي لاءِ پرعزم آهي، اسان ڪنهن به جارحيت جو ڀرپور جواب ڏينداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب ”آپريشن سوئفٽ ريٽورٽ“ جا پنج ??ال مڪمل ٿي?? تي نگران وزيراعظم ان??ارالحق ڪاڪڙ پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ ”آپريشن سوئفٽ ريٽورٽ“ کي پنج ??ال مڪمل ٿي ويا آهن، اسان پاڪستان جي هٿياربند فوج جي پيشيواراڻي مهارت ۽ عزم کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جنهن اڄ جي ڏينهن ڀارت جي دعوائن کي ڪوڙو ۽ غلط ثابت ڪندي پنهنجي آپريشنل برتري جو عملي مظاهرو ڪيو. هن چيو ته ڪنهن کي ڪو شڪ نه هجڻ گهرج?? ته پاڪستان هڪ امن پسند ملڪ آهي جيڪو پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ جي لاءِ پرعزم آهي، اسان ڪنهن به جارحيت جو ڀرپور جواب ڏينداسين.