راولپنڊي- 29 فيبروري (اي پي پي) ستين پاڪ فوج جي ٽيم اسپرٽ مشق 2024ع پڄاڻي تي پهتي، آرمي ??يف جنرل سيد عاصم منير خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب ستين پاڪستان آرمي ٽيم اسپرٽ مشق کاريان گيريزن ۾ شاندار تقريب سان پڄاڻي تي پهتي. 60 ڪلاڪ جي ڊگهي مشق جو مقصد تجربن جي سهڪار ذريعي جنگي مهارتن کي وڌائڻ هو. ان مشق ۾ پاڪ فوج جي 7 ۽ دوست ملڪن جي 15 ٽيمن حصو ورتو. دوست ملڪن ۾ بحرين، اردن، قازقستان، سعودي عرب، مالديپ، مراڪش قطر، آمريڪا، ازبڪستان، سريلنڪا، ٿائي لينڊ ۽ ترڪ?? جي ٽيمن به حصو ورتو. آءِ ايس پي آر موجب مشقن ۾ آذربائيجان، چين، جرمني، انڊونيشيا، سعودي عرب ۽ ميانمار مبصر طور شرڪت ڪئي. مشق پنجاب جي نيم جابلو علائقي ۾ 25 کان 27 فيبروري 2024ع تائين منعقد ڪئ?? وئي، آرمي ??يف شريڪ جٿن جي پيشيوراڻي مهارت ۽ بلند حوصل?? جي واکاڻ ڪئي. آرمي ??يف چيو ته اهڙين مشقن دوران گڏيل طور سکڻ جو موقعو ملندو آهي. هي فورم سمورن شرڪت ڪندڙ فوجين جي پيشيوراڻي مهارتن ۽ حڪمت عملي کي مناسب طريقي سان هڪ جاءِ تي گڏ ڪري ٿو، جيڪو جنگ جي بدلجندڙ ڪردار جي سامهون انتهائي ضروري ٽيم اسپرٽ کي هٿي ڏئي ٿو. آخر ۾ مشق جي شرڪت ڪندڙن کي انفرادي ۽ ٽيم طور انعام ڏنا ويا. عالمي مبصرن ۽ شرڪت ڪندڙن ملڪن جا دفاعي اتاشي تقريب ۾ شامل ٿيا ۽ مشق منعقد ڪرائڻ جي واکاڻ ڪئي. ان کان اڳ آرمي ??يف جي آمد تي ڪور ڪمانڊر منگلا استقبال ڪيو.