اسلام آباد– 04 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ شام ۾ ايراني قونصلخاني تي تازي حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته خط?? ۾ ??سرائيل جي ”مهم جوئي“ ناقابل قبول آهي، غزه ۾ اسرائيل جي ظلمن ۽ اڳ کان غيرمستحڪم خط?? ۾ ??يرذميواراڻي حملي تي ان کي جوابده ٿيڻ گهرجي. هفتيوار پريس بريفنگ ۾ ترجمان چيو ت?? هن هفتي شام جي شهر دمشق ۾ ايراني سفارتخاني جي قونصلر سيڪشن تي غيرذميواراڻي حملي سان خط?? ۾ ??سرائيل جي مهم جوئي هڪ نئين سطح تي پهچي وئي آهي، اهو حملو گڏيل قومن جي چارٽر، عالمي قانون ۽ ڪنوينشنز جي خلاف ورزي آهي. هن چيو ت?? گذريل 6 مهينن دوران عالمي ان??اني قانون جي منظم خلاف ورزين ۾ ملوث رهيا آهن، ان??اني بحران جو شڪار ماڻهن جي لاءِ خوراڪ آڻيندڙ ان??اني امدادي قافلي کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻائڻ عالمي ان??اني قانون جي سنگين خلاف ورزي آهي. غزه ۾ ان??اني امدادي قافلن تي اسرائيلي حملن جي مذمت ڪندي هن ان??اف جي عالمي عدالت جي عارضي حڪمن تي ”فوري، مڪمل ۽ موثر“ عملدرآمد ۽ اسرائيل جي ڏوهن تي عالمي احتساب جو ??طالبو ڪيو. ترجمان چيو ت?? اسان 25 مارچ تي منظور ڪيل گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد 2728 تي مڪمل ۽ تيزي سان عملدرآمد جي لاءِ پنهنجي مطالبي جو ??رجاءُ ڪريون ٿا جنهن جي نتيجي ۾ هڪ مستقل جنگبندي، ان??اني امداد جي فراهم?? ۾ ??يندڙ سمورين رڪاوٽن کي ختم ڪيو وڃي ۽ شهرين جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي. هن ايران جي ڏکڻ اوڀر صوبي سيستان ۽ بلوچستان جي شهر راسڪ ۽ چابهار ۾ خميس ڏينهن دهشتگرد حملي جي پڻ مذمت ڪئي ۽ ايران جي حڪومت ۽ عوام سان پاڪستان جي يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ت?? پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي دوري جا منتظر آهيون. بشام ۾ ٿيندڙ دهشتگرد حملي تي ڳالهائيندي ترجمان چيو ت?? قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ان واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهن ۽ دهشتگردي جي خلاف جنگ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ??رجاءُ ڪيو. هن چيو ت?? دهشتگردي جي حملي کانپوءِ چيني فرمن پاران منصوبن تي ڪم عارضي طور تي روڪيو ويو هو پر سيڪيورٽي آڊٽ کانپوءِ ڪم ٻيهر شروع ڪيو ويو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن ان ڳالهه جو ??رجاءُ ڪيو ت?? پاڪستان ٽي ٽي پي سان ڪا ڳالهه ٻولهه نه ڪندو ۽ افغان عبوري حڪومت مان اميد آهي ته هو پاڪستان جي ان??ر دهشتگردي جي سرگرمين ۾ ملوث عسڪريت پسند گروپن يا قوتن جي خلاف ڪارروائي ڪندي. پاڪستان مان غيرقانوني غيرملڪي شهرين جي واپسي بابت ترجمان چيو ت?? اها پاليسي افغانين جي لاءِ مخصوص نه آهي پر ان ۾ پاڪستان ۾ غيرقانوني طور تي رهندڙ سمورن غيرملڪي شهرين جي انهن جي وطن واپسي شامل آهي. هن چيو ت?? غيرملڪين جي هڪ محدود انگ کي ملڪ بدر ڪيو ويو ڇو ت?? اڪثريت رضاڪاراڻي طور تي واپس وئي آهي. هن چيو ت?? پاڪستان جي ون ويزا پاليسي ۾ ڪا تبديلي ناهي ٿي ڇو ت?? پاڪستان ايندڙ سمورن غيرملڪين وٽ درست پاسپورٽ ۽ ويزا هجڻ گهرجي. هن ميڊيا کي ٻڌايو ت?? نيشنل سيڪيورٽي ڊويزن جي سيڪريٽري وقار احمد شنگهائي تعاون تنظيم جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي سيڪريٽريز جي 19 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ آستانه، قازقستان جو دورو ڪيو جنهن ۾ اسٽريٽجڪ سيڪيورٽي معاملن تي ڌيان ڏنو ويو. پنهنجي بيان ۾ سيڪريٽري خط?? ۾ ??هشتگردي جي ڪاررواين جي ڏورس اثرن بابت خبردار ڪيو ۽ دهشتگردي جي بنيادي سببن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ ٺوس حڪمت عملي تي زور ڏنو. ترجمان ميڊيا کي ٻڌايو ت?? گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نائب مستقل نمائندي عثمان جدون کي 2024ع جي لاءِ گڏيل قومن جي هٿيارن جي خاتمي واري ڪميشن جو چيئرمين چونڊيو ويو. هن اميد ظاهر ڪئي ته پنهنجي صدارت دوران سفير جدون گهڻ رخي مڪالمي ۽ تعاون جي اصولن کي برقرار رکندو ۽ گڏيل قومن جي هٿيارن جي خاتمي واري ڪميشن جي مينڊيٽ کي فروغ ڏيندو ت?? جيئن هٿيارن جي خاتمي جي شعبي ۾ مختلف مسئلن تي غور ۽ سفارشون پيش ڪيون وڃن. ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال تي روشني وجهندي ترجمان چيو ت?? ڀارتي قابض عملدار هڪ ڀيرو ٻيهر سرينگر جي عيدگاهه ۾ عيدالفطر جي نماز ادا ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪرڻ جو ??يصلو ڪيو آهي. هن چيو ت?? سرينگر جي تاريخي جامع مسجد جي خطيب ۽ سينيئر ڪشميري اڳواڻ مير واعظ عمر فاروق کي سندس ابن ڏاڏن جي ياد ۾ منعقد تقريب ۾ شرڪت کان روڪڻ جي لاءِ گهر ۾ نظربند ڪيو ويو آهي. اسان ڀارتي عملدارن تي زور ڏيون ٿا ته اهي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن جي پرامن ميڙ ۽ مذهبي آزادي جي حق جو احترام ڪن، پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.