اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) ايران جو صدر ڊاڪٽر ابراهيم رئيسي ٽن ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد پهچي ويو. اسلام آباد ايئرپورٽ تي سندس ش??ند??ر استقبال ڪيو ويو. پرڏيهي آفيس موجب هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وفاقي وزير ميان رياض حسين پيرزاده ۽ ايران ۾ پاڪستان جي سفير مدثر ٽيپو سندس آجيان ڪئي. ايراني صدر سان گڏ سندس گهرواريءَ ۽ پرڏيهي وزير کانسواءِ ڪابينا جي ٻين م??مبرن ۽ اعليٰ عملدارن تي ٻڌل هڪ اعليٰ سطح وفد پڻ گڏ آهي. صدر ابراهيم رئيسي جو دورو پاڪستان جي اسٽريٽجڪ ايجنڊا پاڪ ايران لاڳاپن جي گهرائي ?? سگهه جي عڪاسي ڪري ٿو. هو پاڪستان ۾ قيام دوران صدر ۽ وزيراعظم، سينيٽ چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سان م??اقاتون ڪندو. هو لاهور ۽ ڪراچي جو پڻ دورو ڪندو ۽ صوبائي قيادت سان م??اقاتون ڪندو.