اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۽ ايران واپار ۽ مواصلاتي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪوششن تي اتفاق ڪيو ??هي. اهو اتفاق وز??راعظم هائوس ۾ وز??راعظم محمد شهباز شريف ۽ ايران جي صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي جي وچ ۾ ملاقات ۾ ٿيو. وز??راعظم هائوس اچڻ تي وز??راعظم شهباز شريف ايراني صدر جي آجيان ڪئي. ٻنهي اڳواڻن هڪ ٻئي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وز??راعظم ملاقات ۾ چيو ??ه عام چونڊن کانپوءِ توهان پهريان ملڪي سربراهه آهيو ??يڪو پاڪستان جو دورو ڪري رهيو ??هي، مون سميت سڄي پاڪستاني قوم ??وهان جي ان دوري جي آجيان ڪري ٿي. ايراني صدر شاندار استقبال تي وز??راعظم جا ٿورا مڃيا. ٻنهي اڳواڻن ايران پاڪستان ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ، مختلف شعبن ۾ تعاون، واپار ۽ مواصلاتي رابطا وڌائڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ٻنهي ملڪن پاران گڏيل ڪوششن تي اتفاق ڪيو.