اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان م??تاز زهره بلوچ چيو آهي ته گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان پاڪستان کي هر قسم جي حالتن ۾ گڏيل عرب امارات جي حمايت جو يقين ڏياريو آهي ۽ پاڪستان ۾ ڪيترن ئي شعبن ۾ 10 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جو عزم ظاهر ڪيو آهي. ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان جي دعوت تي گذريل ڏينهن يو اي اي جو سرڪاري دورو ڪيو، وزيراعظم صدر سان ٻطرفي ملاقات ڪئي ۽ گڏيل عرب امارات جي سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري شخصيتن سان م??اقات ڪئي. ترجمان چيو ته ٻنهي اڳواڻن انفارميشن ۽ ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجيز، مصنوعي ذهانت، قابل تجديد توانائي ۽ سياحت جي شعبن ۾ تعاون ۽ اس??ريٽجڪ پارٽنرشپ کي مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي ??ور ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته ٻنهي اڳواڻن توانائي، پورٽ آپريشن پروجيڪٽس، گندي پاڻي جي صفائي، فوڊ سيڪيورٽي، لاجسٽڪس، معدنيات ۽ بئنڪنگ ۽ مالياتي ??دمتن جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي تعاون جي معاهدن جي بامعنيٰ لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو جن تي نومبر 2023ع ۾ صحيحون ڪيون ويون هيون. ترجمان چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف 22 م??ي تي ??يراني صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي، پرڏيهي وزير حسين امير عبدالهيان ۽ سندن ساٿين جي شهادت تي ??عزيت جي لاءِ اس??امي جمهوريه ايران ج?? دورو ڪيو ۽ ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي ۽ وقتي ??در محمد مخبر سان م??اقات ڪئي ۽ ساڻن عوام ۽ پاڪستان حڪومت پاران تعزيت ڪئي.