بيجنگ – 06 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان چائنا ناردرن انڊسٽري ڪارپوريشن (نورينڪو) جي چيئرمين مل??قا?? ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب ان ??وقعي تي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن. نورينڪو جي چيئرمين محمد شهباز شريف جي پنجاب جي وڏي وزير جي طور ترقياتي منصوبن کي تيز رفتاري سان ??ڪمل ڪرڻ ۽ پاڪستان ۽ پنجاب اسپيڊ جو خصوصي ذڪر ڪ??و. ??ورينڪو جي چيئرمين وزيراعظم جي نگراني هيٺ منصوبن جي رفتار ۽ معيار کي ساراهي??دي چيو ته توهان جي سرپرستي ۾ لاهور اورنج ٽرين ميٽرو جو منصوبو وقت سر تيار ٿ??و. ??زيراعظم نورينڪو جي چيئرمين کي پاڪستان ۾ مواصلات جي منصوبن خاص طور تي ڪراچي سرڪلر ريلوي ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏي??دي چيو ته ٻاهرئين سيڙپڪاري جي لاءِ آسانيون پيدا ڪيون پيون وڃن، ان حوالي سان خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل حڪومت جو هڪ اهم قدم آهي.