بيجنگ – 08 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي چ??ن جي پنجن ڏينهن جي دوري ۽ سندس اع??يٰ چيني قيادت، چيني سرڪاري عملدارن سان ملاقاتن کي چ??ن جي اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا ۾ ڀرپور ڪوريج ملي. وزيراعظم کي گلوبل ٽ??لي??يزن نيٽ ورڪ، سي سي ٽي وي جي هيڊ لائينز ۽ چ??ن جي ناليواري انگريزي ۽ چيني زبان جي نيوز چينلز ۽ اخبارن جن ۾ گلوبل ٽائيمز، چائنا ڊيلي، پيپلز ڊيلي، چائنا اڪنامڪ نيٽ ۽ وڏي انگ ۾ چيني اخبارن ۽ نيوز ويب سائيٽس تي نمايان ڪوريج ملي. چ??ن جي سرڪاري نيوز ايجنسي شنوا نيوز ايجنسي وزيراعظم جو انٽرويو ڪيو جڏهن ته گلوبل ٽائيمز وزيراعظم جو مضمون شايع ڪيو. بيجنگ ۾ موجود عالمي ميڊيا پاران پڻ وزيراعظم جي چيني گادي واري شهر ۾ مصروفيتن کي نمايان ڪوريج ڏني وئي. وزيراعظم شهباز شريف چ??ن جي صدر شي جن پنگ، وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ، نيشنل پيپلز ڪانگريس جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين زائو لي جي، مختلف حڪومتي ادارن جي سربراهن سان ملاقات ڪئي جڏهن ته شينزن ۾ پاڪستان چائنا بزنس ??ورم ۾ پاڪستاني ۽ چيني ڪاروباري شخصيتن کي خطاب ڪيو. چيني دانشورن پاران پڻ ٽ??لي??يزن تي وزيراعظم جي دوري جي مختلف رخن کي پڻ اجاگر ڪيو ويو جڏهن ته اخبارن ۾ نيوز آرٽيڪل پڻ لکيا ويا. چيني صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ جي دعوت تي وزيراعظم شهباز شريف 4 کان 8 جون دوران چ??ن جو سرڪاري دورو ڪيو. دوري دوران هن چ??ن جي شهر شينزن ۽ زيان جو دورو ڪيو.