اسلام آباد – 01 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڪ??روبار دوست پاليسين جي ڪري ملڪي معيشت مستحڪم ۽ ٻاهرئين سيڙپڪارن جو ??عتماد بحال ٿيو آهي، صنعت، زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ ترقي سان معيشت ک?? وڌيڪ استحڪام ۽ روزگار جا نوان موقعا فراهم ڪنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ون?? پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملڪ جي ناليواري ڪاروباري شخصيتن جي وفد اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته الحمدالله ملڪ معاشي طور تي صحيح رخ ۾ گامزن آهي، بجيٽ ۾ عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ قدم شامل ڪيا. هن چيو ته ڪ??روبار دوست پاليسين جي ڪري ملڪي معيشت مستحڪم ۽ ٻاهرئين سيڙپڪارن جو ??عتمادل بحال ٿيو، بجيٽ قدم لاڳو ڪرڻ جي لاءِ حڪومتي ٽيم سرگرم آهي، ملڪي روانگي واپار ۾ اضافو اولين ترجيح آهي، برآمدي صنعت جي ترقي جي لاءِ بجيٽ قدم يقيني بڻائي رهيا آهيون. هن چيو ته برآمد ڪندڙن کي انهن جي ريفنڊز جي فوري ادائيگي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، صنعت، زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ ترقي سان معيشت ک?? وڌيڪ استحڪام ۽ روزگار جا نوان موقعا فراهم ڪنداسين. ملاقات ۾ وفد وزيراعظم کي ملڪي معيشت ک?? صحيح رخ ۾ گامزن ڪرڻ ۽ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي لاءِ موزون ماحول فراهم ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. وفد بجيٽ جي ڪاروباري برادري ۾ پذيرائي باب?? آگاهه ڪيو ۽ اميد جو ??ظهار ڪيو ته ان جا ملڪ ۾ ڪاروباري سرگرمين تي مثبت اثر پوندا. ملاقات ۾ شهزاد سليم، زيد بشير، مصدق ذوالقرنين ۽ شهريار چشتي شريڪ هئا.