اسلام آباد – 03 – جولائي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ??ور??ن جي معاشي خودمختياري ج?? لاءِ مالي خدمتن ۽ قرضن تائين پهچ بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ڪاروباري ??ور??ن جي حوصلا افزائ?? ۽ ??ئنڪنگ شعبي ۾ ??ور??ن جي نمائندگي وڌائڻ جي ضرورت آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار اسٽينڊرڊ چارٽرڊ بئنڪ جي گروپ چيف ايگزيڪيوٽو بل ونٽرز جي قيادت ۾ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. هن چيو ته ??ور??ن جي معاشي خودمختياري سان خاندانن جي خوشحالي ۽ ملڪي ترقي ۾ م??د ملندي. صدر چيو ته پاڪستان ماحوليات جي تحفظ ۽ ٻيلن جي فروغ جي لاءِ قدم کنيا آهن، سنڌ حڪومت مينگروز ٻيلا هنيا ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ ڪاربن ڪريڊٽس جي واپار سان پرڏيهي ناڻو حاصل ڪيو. صدر آصف علي زرداري چيو ته موسمياتي شعبي ۾ سيڙپڪاري سان ماحوليات جي تحفظ ۾ م??د ملندي. هن زرعي شعب?? ۽ ??نيادي ڍانچي ج?? منصوبن خاص طور تي ننڍي ڊيمن، بيراجن ۽ پاور پلانٽس ۾ سيڙپڪاري تي زور ڏنو ۽ چيو ته بئنڪ آبادگارن جي زرعي ضرورتن تائين پهچ وڌائڻ جي لاءِ مالياتي خدمتون، قرض فراهم ڪري. وفد صدر کي پاڪستان جي معيشت، بئنڪنگ انڊسٽري ج?? ترق?? ۽ ??رتقائي، ملڪي سماج?? ۽ ??قتصادي ترقي ۾ بئنڪن جي ڪردار بابت آگاهه ڪيو. صدر بئنڪ کي ننڍي کنڊ ۾ ڪامياب آپريشنز جا 160 سال مڪمل ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني. صدر چيو ته بئنڪ ملڪ جي بئنڪنگ سيڪٽر جي ارتقاءَ ۾ ساراهه جوڳو ڪردار ادا ڪيو آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته بئنڪ ملڪ ۾ پنهنجي آپريشنز کي سگهه ڏيندي ۽ پاڪستاني معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي رهندي.