آستانه – 04 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف خميس ڏينهن قازقستان جي گادي واري شهر آستانه ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم مح??د شهباز شريف اڄ شنگهائي تعاون تنظيم جي ڪائونسل جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهن جي ڪائونسل جي اجلاس ۾ اهم علائقائي ۽ عالمي مسئل?? تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو. بعد ۾ وزيراعظم ايس سي او پلس سمٽ ۾ پڻ شريڪ ٿيندو ۽ نيشنل اسٽيٽمينٽ ڏيندو. اڄ و??يراعظم شهباز شريف جو قازقستان ج?? صدر قاسم جومارت توڪائيف سان ملاقات جو پڻ امڪان آهي.