دوشنبي – 03 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽس جي اجلاس ۽ ايس سي او پلس جي سرب??اه?? اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ دوشنبي کان تاجڪستان جي گادي واري شهر آستانه روانو ٿي ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف 3 ۽ 4 جولاءِ تي آستانه، قازخستان ۾ شنگهائي تعاون تنظيم ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽس (سي ايڇ ايس) جي اجلاس ۽ ايس سي او پلس جي سرب??اه?? اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ قازخستان ويندو. ساڻس نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ۽ ڪابينا جا ٻيا سينيئر ميمبر ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ گڏ هوندا. شنگهائي تعاون تنظيم جي سرب??اه?? ڪائونسل جي اجلاس ۾ وزيراعظم اهم علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو. وزيراعظم ايس سي او پلس سمٽ کي خطاب ??ڻ ڪندو. وزيراعظم اهم علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪندو. وزيراعظم ايس سي او خطي جي ماڻهن جي ڀلائي لاءِ شنگهائي تعاون تنظيم جي اهميت کي اجاگر ڪندو. وزيراعظم سرب??اه?? اجلاس جي موقعي تي شريڪ اڳواڻن سان ملاقاتون ??ڻ ڪندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اربع ڏينهن روس جي صدر ولاديمير پيوٽن، ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف سان ملاقاتن جو ??مڪان آهي. اڄ پاڪستان ترڪيه ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ ٽي ڌريي ڳالهه ٻولهه جو ??ور ٿيندو جنهن ۾ وزيراعظم جي به شرڪت جو ??مڪان آهي. وزيراعظم اڄ شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي سرب??اه?? جي اعزاز ۾ قازخستان جي صدر قاسم جومارٽ توڪائيوف پاران ڏنل آجياڻي ۾ به شرڪت ڪندو.