اسلام آباد -20 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد ۾ پنهنجي گذريل حڪومت ۾ شروع ڪيل ٽيڪنالاجي پارڪ جي من??وبي جو دورو ڪيو ۽ تعميراتي ڪم تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ پراجيڪٽ ٽيم ۽ آءِ ٽي واري وز??رت کي هدايت ڪئي ته هن من??وبي کي جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ قدم تيز ڪيا وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري تفصيلن موجب دوري جي موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته اسلام آباد ٽيڪنالاجي پارڪ پاڪستان جي عالمي معيار موجب پهرين ڪيٽيگري ٿري جو ٽيڪنالاجي پارڪ هوندو. وزيراعظم چيو ته حڪومت سنڀاليندي ئي ترقياتي من??وبن تي 24 ڪلا?? ڪم ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون، پنجاب ۾ خادم اعليٰ طور ترقياتي من??وبن تي 24 ڪلاڪ تعميراتي ڪم ڪرڻ جو نظام متعارف ڪرايو هو. هن من??وبي جي جلد تڪميل لاءِ ان تي 24 ڪلا?? ڪم جاري آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي ترقي جي بلندين تي پهچائڻو آهي، ته ڏينهن رات محنت ڪرڻي پوندي. بذات خود ڇنڇر ۽ آچر جي موڪل ختم ڪري ڇڏي آهي. پاڪستان کي ترقي جون من??ون طئي ڪرڻيون آهن ته سڀني کي گڏجي محنت ڪرڻي پوندي. پروجيڪٽ ٽيم ۽ آءِ ٽي واري وز??رت هن من??وبي کي جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ قدم تيز ڪن. وزيراعظم چيو ته اسلام آباد ٽيڪنالاجي پارڪ سان ملڪي ۽ غ??ر ملڪي اڪيڊميا تحقيق ڪندڙ، صنعت ۽ من??وبا سازن وچ ۾ هم آهنگي پيدا ٿيندي. وزيراعظم چيو ته ٽيڪنالاجي پارڪ جي تعمير سان ملڪي آءِ ٽي روانگي واپار ۾ ساليانو 70 ملين ڊالرن جي واڌ ٿيندي، ٽيڪنالاجي پارڪ جي تعمير سان 10 هزار روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. وزيراعظم نئين من??وبي لاءِ ڏکڻ ڪوريا جي حڪومت جي تعاون جو شڪريو ادا ڪيو. وزيراعظم کي اسلام آباد ٽيڪنالاجي پارڪ جي تعمير تي اڳڀرائي ۽ من??وبي جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. ٽيڪنالاجي پارڪ جو من??وبو 14.9 ايڪڙ ايراضي تي تعمير ڪيو پيو وڃي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته هن من??وبي ۾ عالمي معيار جي ڊيٽا سينٽر به تعمير ڪيو پيو وڃي. دوري دوران سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير عطاالله تارڙ ۽ آءِ ٽي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه به وزيراعظم سان گڏ هئي.