لاهور -05 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر ۽ پيپلز پارٽي سين??رل پنجاب جي صدر راجه پرويز اشرف چيو آهي، ته يوم استحصال ڪشمير تي والاري?? وادي جي ڪشميرين جي جدوجهد کي سلام پيش ڪيان ٿو، استحصال باوجود ڪشميرين جي آزادي واري جدوجهد جاري رهندي، استحصال ڪشمير جا پنج سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي پنهنجي بيان ۾ راجه پرويز اشرف چيو ته ڀارت والاري?? وادي جي آئيني سڃاڻپ 5 سال اڳ سازش سان تبديل ڪئي هئي. اڄ به والاري?? وادي ۾ 5 لک ڀارتي فوجي موجود آهي. هن چيو ته ڀارتي ظلمن خلاف عالمي برادري جي خاموشي فڪر جوڳي آهي. راجه پرويز اشرف چيو ته انساني حقن جون عالمي تنظيمون ۽ سلامتي ڪائونسل جي صورتحال جو نوٽيس وٺن، پاڪستان ڪشميرين جي اخلاقي، سفارتي ۽ آئيني جدوجهد ??و ساٿ ڏيندو رهندو.