اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته جناح ميڊيڪل ??مپليڪس جي ماسٽر پلان جي تياري، فني مدد ۽ طبي اوزارن جي لاءِ عالمي شهرت يافته ماهرن جون خدمتون ورتيون وڃن، جناح ميڊيڪل ??مپليڪس کي نه رڳو پاڪستان پر خطي ۾ بهترين طبي سهولتن سان ليس اسپتال بڻايو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ جناح ميڊيڪل ??مپليڪس تي جائزه اجلاس ٿيو. ان موقعي تي وزيراعظم هدايت ڪئي ته جناح ميڊيڪل ??مپليڪس کي ٽرشري سطح جي جديد اسپتال بڻائي وڃي، جناح ميڊيڪل ??مپليڪس ۾ پوري پاڪستان مان مريضن کي موجوده دور جي جديد گهرجن سان هم آهنگ علاج جون سهولتون فراهم ڪيون وينديون، جناح ميڊيڪل ??مپليڪس جي ماسٽر پلان جي تياري، فني معاونت ۽ طبي اوزارن جي لاءِ عالمي شهرت يافته ماهرن جون خدمتون ورتيون وڃن. وزيراعظم چيو ته اسان پنجاب ۾ عالمي معيار جي پي ڪي ايل آءِ اسپتال ٺاهي، پي ڪي ايل آءِ تي سياست ڪري ان کي تباهه ڪرڻ جي ڪڌي سازش ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته جناح ميڊيڪل ??مپليڪس جي جلد تعمير جي لاءِ قدم يقيني بڻايا وڃن، جناح ميڊيڪل ??مپليڪس جي تعمير ۾ تعاون تي آغا خان فائونڊيشن جي خاص طور تي ٿورائتا آهيون. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، وزيراعظم جي صحت واري ڪوآرڊينيٽر مختار احمد ڀرت ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي جناح ميڊيڪل ??مپليڪس جي ماسٽر پلان ۽ منصوبي جي تعمير جي حوالي سان اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته جناح ميڊيڪل ??مپليڪس کي ٽرسٽ ٺاهيو ويندو جيڪو اسپتال جي انتظامي معاملن کي ڏسندو. ان ٽرسٽ جو پيٽرن ان چيف وزيراعظم هوندو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪمپليڪس جي ماسٽر پلان تي عالمي شهرت يافته آمريڪي ماهر ڪم ڪري رهيا آهن. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته آغا خان فائونڊيشن پڻ ڪمپليڪس جي حوالي سان فني معاونت فراهم ڪري رهي آهي. اجلاس کي منصوبي جي تعميري لاڳت ۽ مقرر مدي کان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته جناح ميڊيڪل ??مپليڪس کي نه رڳو پاڪستان پر خطي ۾ بهترين طبي سهولتن سان ليس اسپتال ٺاهي وڃي. وزيراعظم منصوبي ۾ شفافيت جي عنصر کي خاص اهميت ڏيڻ ۽ منصوبي کي گهٽ وقت ۾ مڪمل ڪرڻ جي حوالي سان هدايتون جاري ڪيون.